SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


بين الاقوامي زعي تحقيق جو سهڪاري سَٿُ


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


بين الاقوامي زعي تحقيق جو سهڪاري سَٿُ

CGIAR Consultative Group of International Agricultural Research

ڪنسلٽيٽو گروپ آف انٽرنيشنل ايگريڪلچرل ريسرچ

هي سرڪاري ۽ نجي شعبي جي امداد ڏيندڙبرادريءَ جي نمائنده تنظيم آهي، جيڪا دنيا ۾ موجود بين الاقوامي زرعي تحقيقي مرڪزن جي مدد ڪري ٿي. اهو مرڪز گهٽ آمدنيءَ وارن ماڻهن ۾ خوراڪ جي فراهميءَ کي وڌائڻ سندن معاشي ۽ غذائي حالت کي بهتر بنائڻ جي لاءِ جاکوڙي ٿو . CGIAR کي عالمي بينڪ ۽ ٻين بين الاقوامي تنظيمن جو سهڪار حاصل آهي. اها تنظيم 1971ع ۾ قائم ٿي ۽ ان جو مرڪز واشنگٽن ڊي سي ۾ آهي. مٿي ٻڌايل تحقيقي مرڪزن ۾ ڪولمبيا جو سينٽرو انٽرنيشنل ڊي ايگريڪلچر ٽراپيڪل (CIAT) ، مئڪسيڪو جو سينٽر دي مئجورا مينٽو ڊي مئيز واءِ ٽرائيگو (CIMMYT) ، اٽليءَ جوانٽرنيشنل بورڊ فار پلانٽ جينٽيڪ ريسورسز (IBPGR) ، شام جو انٽرنيشنل سينٽر فار ايگري ڪلچرل ريسرچ ان ڊراءِ ايرياز (ICARDA) ، آمريڪا جو انٽرنيشنل ڪراپ ريسرچ انسٽيٽيوٽ فار سيمي ايرڊ ٽراپڪس (icrisAT)، سريلنڪا جو انٽرنيشنل ايريگيشن مينيجمينٽ انسٽيٽوٽ (IIMI) ،نائيجيريا جو انٽرنيشنل انسٽيٽوٽ فار ٽراپيڪل ايگريڪلچر (IITA) ، ايٿوپيا جو انٽرنيشنل لائيو اسٽاڪ سينٽر فار ايفريڪا (ILCA) ، ڪينيا جو انٽرنيشنل ليبارٽري فار ريسرچ آن اينيمل ڊزيز (ILRAD) ، فرانس جو انٽرنيشنل نيٽ ورڪ فار امپروومينٽ آَف بنانا، ايند پلاٽين (INIBP)، فلپائين جو انٽرنيشنل رائيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ (IRRI) ، هالينڊ جو انٽرنيشنل سروس فار نيشنل ايگريڪلچر ريسرچ (ISNAR)، ۽ اولهه آفريقا جو رائيس ڊولپمينٽ ايسو سيئيشن (WARDA) شامل آهن


Remember Me Also:

ٻڻنگ

ذ. ڏسو ”ٻَڻگُ“.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal